SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سهڪاري برادري


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


سهڪاري برادري

Security Community

سڪيورٽي ڪميونٽي

1950ع ۾ سماجي علمن جي ماهر ’ڪارل ڊيوچ‘ ڪجهه ملڪن، مثال طور؛ آمريڪا ۽ ڪئناڊا، برطانيه ۽ آئرلئنڊ ، سويڊن ۽ ناروي جي وچ ۾ اتحاد ڪرڻ جي تجويز ڏني. ’ڊيوچ‘ مطابق انهن ملڪن ۾ ايتري قدر اتحاد هجي، جو منجهن هڪ ٻئي سان جنگ وڙهڻ يا سندن وچ ۾ ڪنهن وڏي تڪرار جي خدشي جو سوال ئي پيدا نه ٿئي. اهڙي قسم جي اتحاد لاءِ ’ڊيوچ‘ ٻه طريقا تجويز ڪيا آهن، هڪ: بين الاقوامي تعلقات جي تحت قانونن کي مقرر ڪرڻ ۽ ٻيو: اتحادي ملڪن جي عوام ۽ سياسي ليڊرن طرفان امن جي قيام لاءِ گڏيل ڪوشش وٺڻ لاءِ ماحول جوڙڻ. سندس وچ ۾ جڏهن به ڪو ننڍو يا وڏو جهيڙو ٿئي ، ته انهيءَ کي حل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل هر فرد پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ’ڊيوچ‘ جي هيءَ تجويز دراصل هڪٻئي جي ويجهو ٻن ملڪن جي سلامتي رکڻ جي حوالي سان گڏيل ”سيڪيورٽي ڪميونٽي“ قائم ڪرڻ جي تجويز هئي. ڊيوچ طرفان ٻئي قسم جي ”سيڪيورٽي ڪميونٽي“، ڪنهن به ملڪ جي سياسي سرگرمين کي پر امن سوچ مطابق هلائڻ تحت تجويز ڪئي وئي آهي. سندس خيال مطابق هڪ ملڪ اندر يڪجهتي ۽ سلامتي تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن سياسي اڳواڻ هڪٻئي جو قدر ۽ احترام ڪن، هڪ ٻئي جي ضرورتن کي سمجهن ۽ ملڪي مفاد ۾ ٺهيل پاليسيون ڪاميابيءَ طرف کڻي وڃڻ جو جذبو رکن. .بين الاقوامي تعلقات ۾ هن نظريي کي انهيءَ ڪري اهميت ڏني وئي آهي، جو مُختلف قومن جي عوام کي مستقل طور تي امن واريون حالتون پسند آهن. جنگ جي سوچ کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ’ڊيوچ‘ جون تجويزون تمام گهڻيون اهم آهن. ڇاڪاڻ ته سندس تجويزن موجب ٻن ملڪن وچ ۾ هر تڪراري مسئلي جو حل، سياسي اڳواڻن طرفان پاڻ ۾ سهڪار ۽ عوام پاران هڪٻئي سان ميل جول ڪرڻ ۾ لڪل آهي. اهڙي هاڪاري روش کان سواءِ حال ۽ مستقبل ۾ خاص طرح پاڙيسري ملڪن وچ ۾ امن قائم ٿيڻ ناممڪن آهي


Remember Me Also:

ڀڃائڻ

مصدر ”ڀَڃڻ“ مان متعدي بالواسطه. ٽُڪَر ڪرائڻ. ٽوڙائڻ. کولائڻ. کليو ڪرائڻ روپيو مٽائڻ ريزگاري وَٽائڻ رسو، مالهه، وغيره. زور ڏيئي هيٺ دٻائڻ ”ڪويُون ڀَڃائڻ“. ڀڃايو ، ڀَڃائيندو ، ڀَڃايل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal